تربت – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاق جي مضبوطي جي لاءِ سمورن صوبن ۾ هڪجهڙي ترقي ضروري آهي، بلوچستان ترقي ڪندو ته پاڪستان ترقي ڪندو، پوئتي پيل علائقن ۾ هڪجهڙي ترقي ??اه??ون ٿا، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ترقي تي خوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن، جن قومن انساني وسي??ن تي خرچ ڪيو انهن ئي ترقي ڪئي، تعليم جي ڪري ئي انسان عظمت حاصل ڪئي، ڪاميابي جي لاءِ محنت ڪرڻي پوندي آهي، زندگي ۾ ڪو به شارٽ ڪٽ ??اه?? هوندو، پنجاب حڪومت پاران بلوچستان جي شاگردن جي لاءِ وظيفن ۾ اضافو خوش آئنده آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار هن دارلاحساس، وسيله تعليم پروگرام ۽ مختلف منصوبن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.