اسلام آباد- 04 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير م??سن نقوي لوئر ڪرم ۾ سرڪاري گاڏين تي فائرنگ جي واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڊپٽي ڪمشنر جاويد ??لله محسود جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته لوئر ڪرم ۾ سرڪاري گاڏين تي فائرنگ جو واقعو امن معاهدي کي نقصان پهچائڻ جي سازش آهي، وڳوڙي ڌريون فائرنگ ڪري امن معاهدي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. م??سن نقوي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ زخمي ڊپٽي ڪمشنر کي صحت عطا ڪري.