اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي)پاڪستان سميت سڄي دن??ا ۾ بر??ل جو عالمي ڏينهن 4 جنوري تي ملهايو ويندو. بر??ل 6 نقطن تي ٻڌل هڪ اهڙو منفرد رسم الخط آهي جنهن کي سڄي دنيا جي ڏسڻ کان محروم (معزور) ماڻهن جي سهولت لاءِ اختيار ڪيو ويو آهي. 1824ع ۾ بر??ل جي شروعات لوئي بر??ل ڪئي هئي جيڪو ننڍپڻ ۾ هڪ حادثي سبب پنهنجو نور وڃائي ويٺو هو، لوئي بر??ل اها رسم الخط فرانس جي فوج جي پيغام پهچائڻ جي طريقي کان متاثر ٿي اختيا ڪيو هو جنهن ۾ 6 نقطن بدران 12 نقطن جو استعمال ڪيو ويو هو، لوئي بر??ل ان رسم الخط کي بدلائي آسان بڻايو ۽ ان کي نور کان محروم ماڻهن تائين پهچائڻ شروع ڪيو. لوئي بر??ل جي ان اهم خدمت کي نظر ۾ رکندي هر سال سندس جنم ڏينهن تي عالمي بر??ل جو ڏه??ڙو ملهايو ويندو آهي. بر??ل جي عالمي ڏه??ري جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، غير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون ته جيئن عام ماڻهو کي ان حوالي سان آگا??ي فراهم ڪري سگهجي.