اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي شق 137 تحت سمورن پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن لاءِ لازم آهي ته اهي پنهنجا، سندن ڪٽنبن جي اثاثن ۽ رهتن جا مالي گوشوارا سال 24-2023ع جا تجويز ڪيل فارم بي مق??ر ڪيل تاريخ کان پهرين يا31 ڊسمبر 2024ع تائين اليڪشن ڪميشن وٽ ??مع ڪرائين. اليڪشن ڪميشن مطابق سيڪشن 137 تحت اثاثا ۽ بقايائن جا گوشوارا فراهم ڪرڻ لازمي آهن، هر اسيمبلي ميمبر 30 جون تائين پنهنجا ۽ سندن ڪفالت هيٺ فيملي ميمبرن جا اثاثا ۽ بقايائن جا گوشوارا تجويز ڪيل فارم بي هر سال 31 ڊسمبر کان پهرين يا 31 ڊسمبر تائين اليڪشن ڪميشن وٽ ??مع ڪرائي. سيڪشن 137 جي ذيلي شق (2) تحت هر س??ل پهرين جنوريءَ جي مقرر تاريخ تائين گهربل گوشوارا ??مع نه ڪرائيندڙن جا نالا هڪ پريس ر??يز ۾ شايع ڪيا ويندا. 16 جنوريءَ تي هڪ حڪم تحت ڪميشن 15 جنوريءَ تائين ڄاڻايل گوشوارا ??مع نه ڪرائيندڙ پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن رڪنيت معطل ڪئي ويندي ۽ ڄاڻايل گوشوارا ??مع نه ڪرائڻ تائين اهي پارليامينٽ ۽ اسيمبلي جي ڪنهن به ڪارروائيءَ ۾ حص?? نه وٺي سگهندا. ان حوالي سان تيار ڪيل هدايت نامو/رهنمائي سان مقرر فارم بي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ اسلام آباد، لاڳاپيل صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي آفيس، سينيٽ سيڪريٽريٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيڪريٽريٽ مان مفت حاصل ڪري سگهجن ٿا. ان کان علاوه اليڪشن ڪميشن جي ويب سائٽ تان به ڊائون لوڊ ڪري سگهجن ٿا.