ڪراچي-15 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ب??او?? ڀٽو زرداري مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊن ۾ ڪراچيءَ سميت سنڌ ۾ پنهنجي پارٽيءَ جي ڪاميابي تي شڪر جو اظهار ڪندي ان کي پارٽي تي عوام جي ڀرپور اعتماد ۽ حمايت ۽ جيالن جي محنتن جو ثمر قرار ڏنو آهي. ميڊيا سيل ب??او?? هائوس مان جاري بيان موجب پ پ چيئرمين ننڍي مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل سمور?? پارٽي اميدوارن کي مبارڪون ڏنيون ۽ انهن ڪارڪنن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو جن ڏينهن رات محنت ڪري ??ونڊن ۾ ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تير هليو آهي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جا جيالا کٽي ويا. هن چيو ته ننڍي مڪاني چونڊن جي نتيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ته عوام هڪ ڀيرو ٻيهر نفرت ۽ ورڇ جي سياست کي رد ڪري بنا فرق جي عوامي خدمت کي چونڊيو آهي. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ پ پ جي اميدوارن جي وڏي اڪثريت سان فتح به تاريخي اڳڀرائي آهي. ب??او?? ڀٽو زرداري پارٽي جي نَون چونڊيل مڪاني نمائندن کي مخاطب ٿيندي چيو ته کيس يقين آهي ته اوهان عوام جي اعتماد تي پورو لهندا. چونڊن ۾ ڪاميابي اوهان جي ڪُلهن تي وڏي ذميداري ۽ امتحان کڻي آئي آهي. اوهان کي محدود وسيلن ۽ وڏن مسئلن کي مُنهن ڏيڻو آهي، پر ان جو حل پارٽي ويزن ۽ اوهان جي محنت تي ٻَڌل آهي.