اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ سان پ??ڪس??ان ۾ منشيات ۽ ڏوهن بابت گڏيل قومن جي نمائندي ٽرولس ويسٽر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عدالتي سڌارن ۽ ماحولياتي ڏوهن جهڙن ا??ڀرندڙ شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌُرين پ??ڪس??ان ۾ قانون ۽ ماحولياتي منصوبن کي اڳيان وڌائڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. ڪالهه انساني حقن واري وزارت مان ??اري پريس رليز موجب ملاقات ۾ ڪيس اسائنمينٽ ۽ مئ??جمينٽ سسٽم (سي اي ايم ايس) تي خاص توجهه ڏني وئي جيڪا قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ يو اين ا?? ڊي سي جو گڏيل منصوبو آهي. سي اي ايم ايس جو مقصد ڪيس مئ??جمينٽ کي روايتي طريقن سان ڊجيٽل نظام طرف منتقل ڪرڻ آهي ته جيئن قانوني ماهرن جي ڪارڪردگي ۽ فوري ڪيس جي نگرانيءَ کي بهتر بڻائي سگهجي. هاڻ تائين وزارت وفاقي وزيرن جي فوڪل پرسنز جي ڇهن بينچن کي تربيت فراهم ڪئي آهي ۽ سي اي ايم ايس هن وقت نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن ا??نڊ انفارميشن سيڪيورٽي بورڊ (اين ٽي آءِ ايس بي) تحت جاچ ۽ سيڪيورٽي آڊٽ جي مرحلي ۾ آهي. يو اين ا?? ڊي سي ضروري انفراسٽرڪچر فراهم ڪيو آهي جنهن ۾ سرورز ۽ ڪمپيوٽر شامل آهن ۽ فني مسئلن جي حل لاءِ لڳاتار پنهنجو سهڪار فراهم ڪري رهي آهي. ٽرولس ويسٽر سي اي ايم ايس کان ??لاوه ماحولياتي تبديلي ۽ـ ڏوهن جي روڪٿام جهڙن نَون ا??ڪاني شعبن ۾ سهڪار جي نشاندهي ڪئي. وفاقي وزير پراسيڪيوٽرز جي صلاحيت ۾ واڌ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ ان ??لسلي ۾ يو اين ا?? ڊي سي جي سهڪار جي آجيان ڪئي. ويسٽر، پ??ڪس??ان ۾ گهٽ سزا جي تناسب جي سببن جو جائزو وٺڻ لاءِ ۽ بهتريءَ جي مختلف ماڊلز کي دريافت ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل منصوبي جي تجويز ڏني. وفاقي وزير تازو ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ ۾ ترميمن جي حوالي سان ويسٽر کي آگاهه ڪيو ۽ انهن ترميمن ۾ يو اين ا?? ڊي سي جي سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن تي ويسٽر عدليه سان ڀائيواريءَ کي يقيني بنائڻ ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير، يو اين ا?? ڊي سي جي مسلسل معاونت تي سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ صلاحيت سازي، ماحولياتي قدمن ۽ عدالتي سڌارن ۾ گڏيل ڪوششن لاءِ پ??ڪس??ان کي عزم کي ٻيهر ورجايو. ٻنهي ڌُرين ملاقات جي پڄاڻي گڏيل سهڪار جي قدرن ۽ ڀائيواري ۾ مسلسل ترقيءَ جي عزم سان ڪيو.