اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف محمد آصف کي دوحه ۾ انٽرنيشنل بليئرڊز اينڊ ورلڊ سنوڪر فيڊريشن (آءِ بي ايس ايف) چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پا??ست??ن جا باصلاحيت نوجوان راندين جي ميدانن ۾ پا??ست??ن جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته محمد آصف ٽي??ن ڀيرو عالمي چيمپيئن شپ کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. محمد آصف جا گهرڀاتي ۽ سندس ڪوچ به ان فتح تي مبارڪباد جا مستحق آهن. عالمي چيمپيئن شپ کٽڻ جي لاءِ محمد آصف ڏينهن رات محنت ڪئ?? جنهن جي لاءِ هو ساراهه جي لائق آهي. وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن جا باصلاحيت نوجوان راندين جي ميدانن ۾ پا??ست??ن جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته رانديگرن کي عالمي معيار ج??ن سهولتون فراهم ڪيون وڃن. عالمي مقابلن جي لاءِ رانديگرن کي تياري جي معياري سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.