لاهور- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلزپارٽي جي و??د لاهور ۾ ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحا?? تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب پاڪستان پيپلزپارٽي جي و??د ۾ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، پنجاب جو گورنر سردار سليم حيدر، قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب شريڪ هئا. پاڪستان مسلم ليگ (ن) طرفان قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سينئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله به ملاقات ۾ شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحا?? تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت جي اهم اتحادي پارٽي آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومت جي هر قدم ?? ساٿ ڏنو آهي. ملاقات لاءِ آيل پاڪستان پيپلزپارٽي جي و??د ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومتي معاشي پاليسين جي واکاڻ ڪئي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي و??د حڪومتي پاليسين ۽ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي.