اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحا?? ڊار ساموا ۾ دولت مشترڪه انٽرجنريشنل ڊائيلاگ ميٽنگ ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جا??ي بي??ن موجب ساموا ۾ منعقد دولت مشترڪه جي انٽرجنريشنل ڊائيلاگ ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحا?? ڊار هڪ ريزيلنٽ ۽ شموليت تي ٻڌل دولت مشترڪه جي جوڙجڪ ۾ نوجوانن جي قيادت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. نائب وزيراعظم اسحا?? ڊار اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم تي زور ڏنو جيڪ نوجوانن کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ بااختيار بڻائي. محمد اسحا?? ڊار ان ڏس ۾ پاڪستان ۾ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جهڙن قدمن جو ذڪر ڪيو جنهن لکين نوجوانن کي تعليم، روزگار ۽ مشغوليت ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. هن نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن جو خاڪو پڻ پيش ڪيو جنهن ۾ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام ميمورڊن آف انڊر اسٽينڊنگ تي نظرثاني ۽ ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس جي شروعات شامل آهي. نائب وزيراعظم چيو ته نوجوان نه رڳو ايندڙ سڀاڻي جا اڳواڻ آهن پر اڄ پاليسي سازي ۾ فعال طور تي حصو وجهي رهيا آهن، هن ڪلائم??ٽ ايڪشن ۽ ڊيجيٽل اختراع جا ادارا هلائڻ ۾ نوجوان اڳواڻن جي تعاون کي ساراهيندي دولت مشترڪه جي اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي نوجوانن کي هڪ مضبوط، وڌيڪ پائيدار مستقبل جي تعمير جي لاءِ حصيدارن جي طور تي اختيار ڪن ۽ دولت مشترڪه ڪميونٽي جي لاءِ پائيدار اڳڀرائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مسلسل انٽرجنريشنل تعاون کي جا??ي رکن.