اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ هيلٿ ورڪرز کي حقيقي هيروز قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي پوليو جي ??رض کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ اسان کي متحد ٿي نئين سر ڪوششن کي يقيني بڻائڻو پوندو، پوليو فري پاڪستان جي ڏس ۾ درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پختي عزم سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن اها ڳالهه پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي ??وقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم ٻارن کي پوليو جا ڦرا پياريندي 28 آڪٽوبر کان پوليو جي خاتمي جي ??ومي مهم جي باضابطا شروعات پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان پوليو جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ان تلخ حقيقت سان ملهائي رهيا آهيون ته ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پوليو وائرس جا ڪيسز سامهون آيا آهن، اسان سڀ ان بابت آگاهي جي لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون، ان لعنت ۽ صحت جي عالمي چئلينج جي خاتمي لاءِ اسان ک هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ڪوششن ۽ ٽيم ورڪ سان گڏجي ان جنگ ۾ ڪاميابي تائين گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسان ماضي ۾ به ان حوالي سان ڪم ڪيو هو ۽ مستقبل ۾ به ڪنداسين. اسان کي ان راهه ۾ درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پختي عزم سان ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن ملڪ کي تمام جلد پوليو جي ??رض کان پاڪ ڪري سگ??جي. وزيراعظم چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان کي تاريخ ۾ انهن لکين ٻارن جي ??اد به ڏياري رهيو آهي جيڪي پوليو جي ??رض جو شڪار ٿيا ۽ بعد ۾ پنهنجي خاندانن تي بار بڻجي ??يا، هي ڏينهن اسان کي ان مرض جي خاتمي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي ٻيهر وڌائڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??اد پڻ ڏياري رهيو آهي. وزيراعظم ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ تعاون فراهم ڪرڻ تي عالمي ادارن خاص طور تي صحت جي عالمي اداري، يونيسيف ۽ بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اسان پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ ۾ پرعزم آهيون. هن چيو ته پوري قوم پوليو جي خلاف جنگ ۾ جانيون قربان ڪندڙ حقيقي هيروز کي ساراهي ٿي، انهن هيروز انتهائي مشڪل حالتن ۾ پنهنجون حياتيون هٿيلي تي رکي پوليو جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي ??ارن کي يتيم ڪري ڇڏيو پر اسان جي ??ارن کي پوليو کان بچائڻ جي لاءِ تاريخ ۾ پنهنجو نالو سنهري لفظن ۾ ل??ي ڇڏيو. پوليو ورڪرز قوم جا مجاهد هيروز آهن ۽ پوري قوم انهن کي ياد رکندي. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان پوليو جا 40 ڪيسز سامهون آيا آهن، اسان ان وقت تائين سُک سان نه ويهنداسين جيستائين اهو وائرس پاڪستان جي سرحدن تان هلي نه ٿو وڃي، هي هڪ چئلينج آهي ۽ اسان ان کي قبول ڪيو آهي، پوليو ورڪرز ان جو هر اول دستو آهن. وزيراعظم چيو ته بل گيٽس سان ملاقات ۾ هن پاڪستان جي لاءِ سمورا وسيلا مهيا ڪرڻ جو عزم ڪيو، سعودي عرب به ڪيترن ئي سئو ملين ڊالر جو اعلان ڪيو آهي جنهن تي اسان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان پوليو وائرس پاڪستان ۽ پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ آهي، اهو اسان جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي ۽ چئلينج به آهي، آئون سمجهان ٿو ته پوليو کي مڪمل شڪست ڏيڻ جي لاءِ اسان کي تيزي سان ۽ محنت سان ڪم ڪرڻو پوندو. ان کان اڳ وزيراعظم جي ??وڪل پرسن عائشه رضا فاروق تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پوليو جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، وزيراعظم جي ??دايت تي اسان هن ڏينهن کي انهن ورڪرز جي ??الي سان منسوب ڪري ڇڏيو آهي جن پوليو جي خاتمي جي ??هم ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، اسان انهن ڪارڪنن جي ??ربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته سيپٽمبر ۾ ذيلي مهم دوران 33 ملين ٻارن کي ڦرا پياريا ويا، 28 آڪٽوبر کان نئين مهم ۾ 45 ملين ٻارن کي پوليو جا ڦرا پياريا ويندا ان مهم ۾ 4 لک پوليو ورڪرز حصو وٺندا. هن چيو ته پوليو کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجون گڏيل ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن. هن پوليو جي خاتمي لاءِ وزيراعظم جي ??يزن ۽ عزم ۽ معاون ادارن کي ساراهيو. ان کان اڳ وزيراعظم پوليو جي خاتمي دوران پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ ڪارڪنن ۽ هيروز جي گهرڀاتين ۽ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ پوليو ورڪرز کي شيلڊز پڻ ڏنيون.