اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪامياب انعقاد ۾ ڪوششن ??ي اطلاعات ۽ نشر??ات واري وزارت جي آفيسرن ۽ پوري ٽيم کي م??ارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انفارميشن گروپ جي آفيسرن تي فخر آهي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پرائيم منسٽر آفيس جي ٽيم سان گڏجي ايس سي او ڪانفرنس جي ڪاميابي سان انعقاد جي لاءِ حيرت انگيز ڪم ڪيو. هن چيو ته انشاءَ الله اسان گڏجي تاريخ لکنداسين. ايس سي او ڪانفرنس جي لاءِ توهان جي ڪوششن کي خراج ??حسين پيش ڪريان ٿو.