دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قطر واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاو?? جي فروغ ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان دوحه ۾ وفد?? جي سطح تي ملاقات ڪئي. ان کان اڳ ٻنهي اڳواڻ?? جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات پڻ ٿي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپ?? جي وسيع معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪ – قطر لاڳاپ?? جي سمورن رخن جو تفصيلي جائزو ورتو. واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ نئين ممڪن تعاون تي پڻ غور ڪيو ويو. ڌرين گڏيل اقتصادي هدفن ۽ علائقائي استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي اسٽريٽجڪ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن خاص طور تي اسرائيل پاران بيگناهه فلسطيني?? جي خلاف جاري نسل ڪشيءَ جي جنگ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافي تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم 24 سيپٽمبر 2024ع تي گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي 79هين سالياني اجلاس دورا?? قطر جي امير پاران پيش ڪيل فلسطي?? جي معاملي تي قطر جي موقف کي ساراهيو. هن فوري جنگبندي جي لاءِ قطر جي ثالثي ۽ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته غزه م قتل عام جي فوري خاتمي ۽ امن قائم ڪرڻ کانسواءِ دنيا ۾ خوشحالي حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي. هن چيو ته فلسطين ۾ جاري اسرائيل جي تازي ڏاڍ جو تاريخ ۾ مثال نه ??و ملي. ٻنهي اڳواڻ?? جي ملاقات دوران فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينر?? جي لاءِ وڌيڪ امدادي ساما?? جي پهچ کي جاري رکڻ جي اهميت تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم قطر جي امير کي پاڪستا?? جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو قطر جو دورو ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪ?? جي وچ ۾ مسلسل مضبوط ٿيندڙ حصيداري ۽ تعاون کي سگهه ڏيڻ ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل آهي.