استنبول-22 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي استنبول ۾ عالمي ا??ڪس??و ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير ٻين ملڪن جي نمائندن سان گڏ انٽرنيشنل ا??ڪس???? 2024ع جو افتتاح ڪيو. عالمي ا??ڪس??و پهچڻ تي ترڪيه جي اعليٰ عملدارن وفاقي وزير محسن نقوي جي آجيان ڪئي. وفاقي وزير چيف آف دي ترڪش جنرل اسٽاف ميٽن گورڪ سان ملاقات ڪئي. گهرو وزير، جنرل ميٽن گورڪ کي عالمي ا??ڪس??و جو بندوبست ڪرڻ تي کيس مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. جنرل ميٽن گورڪ انٽرنيشنل ايسڪپو ۾ پاڪستان جي نمائندگي تي وفاقي وزير محسن نقوي جو شڪريو ادا ڪيو. وفاقي وزير ٻين ملڪن جي نمائندن سان گڏ ا??ڪس??و جو دؤرو ڪيو. گهرو وزير ا??ڪس??و ۾ لڳايل پاڪستان آرڊ??نن?? فيڪٽريز جي اسٽال جو پڻ معائنو ڪيو ۽ پاڪستاني اسٽال سنڀاليندڙن سان ملاقات ڪئي ۽ ايسڪپو ۾ رکيل پاڪستاني اوزارن جي تعريف ڪئي. گهرو وزير ا??ڪس??و ۾ رکيل جديد اوزارن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ا??ڪس??و ۾ جديد مشينري ۽ اوزار ڏسي مون کي خوشي ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ”انٽرنيشنل ا??ڪس???? 2024ع“ دوست ملڪن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير يوسف جنيد ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ان کان اڳ وفاقي وزير اهم دؤري تي ترڪيه پهتو ته استنبول ايئرپورٽ تي پاڪستان جي سفير، ترڪيه جي گهرو وزارت جي ڊي جي مهمت عليدي ۽ اعليٰ عملدارن سندس شاندار استقبال ڪيو. وفاقي ترڪيه ڪابينه جي وزيرن ۽ مرڪزي قيادت سان ملاقاتون ڪندو. گهرو وزير چيو ته ترڪيه جي دؤري دوران گڏيل سهڪار کي مضبوط بنيادن تي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. بارڊر مئنجمينٽ، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ جي امڪانن تي ترڪيه جي وزيرن ۽ ليڊرشپ سان ڳالهيون ٿينديون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪيه هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته دؤري جو مقصد پاڪ- ترڪيه لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي.