اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) هچيسن پورٽس ڪمپنيءَ جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ڪراچي ??ورٽ ٽرسٽ تحت سائوٿ ايشين پورٽ ٽرمينل تي پنهنجي آپريشنز کي هٿي ڏيڻ جي موقعن کي تلاش ڪرڻ لاءِ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان م??اق??ت ڪئي. م??اق??ت ۾ سيڪريٽري ميري ٽائيم افيئرز سيد ظفر علي شاهه ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري عمر ظفر شيخ س??يت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڳالهين دوران وفاقي وزير، هچيسن جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ سندن ڪاروباري قدمن لاءِ وزارت جي غير متزلزل حمايت جو اظهار ڪيو. هن اثرائتي ٽرمينل آپريشنز جي اه??يت تي زور ڀريني ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ ترقيءَ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو يقين ڏياريو. وفاقي وزير چيو ته وزارت سائوٿ ايشين پورٽ ٽرمينل جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ هچيسن پورٽس سان مڪمل تعاون ڪندي. سندس چوڻ هو ته بندرگاهه ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌ کي يقيني بنائڻ لاءِ هچيسن جي ڪردار کي ساراهيون ٿا ۽ اسان جي مدد جاري رکنداسين. م??اق??ت ۾ ڪراچي ??ورٽ ٽرسٽ ۽ هچيسن پورٽس جي انتظاميه وچ ۾ جاري ڪوششن تي روشني وڌي، جنهن ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي فائدو پهچائڻ واري اسٽريٽجڪ بهتري تي ڌيان ڏنو ويو. ان دوران وفاقي وزير عالمي ميري ٽائيم آپريشنز لاءِ سازگار ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت جي فعال نقطه نظر تي زور ڀريو. هچيسن پورٽس جي نمائندن ترقيءَ لاءِ هڪ ويزن ۽ ٽرمينل تي پنهنجي خدمتن جي آڇ کي وڌيڪ وڌائڻ جي صلاحيت کان آگاهه ڪيو. م??اق??ت جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ڌُرين پنهنجي تعاون جي مستقبل ۽ علائقائي معيشت تي ان جي مثبت اثرن جي باري ۾ اميد جو اظهار ڪيو.