اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعا??، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقاف?? واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ناليواري اداڪار مظهر علي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اداڪار مظهر علي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته اڄ اسان هڪ عظيم فنڪار ۽ هڪ محترم انسان کي وڃائي ويٺا آهيون. مظهر علي پنهنجي فني صلاحيتن جي جادُو سان اسان کي جڪڙي رکيو ۽ پنهن??ي اداڪاري سان اسان جي دلين ۾ ??هر ڪري ورتو. هن چيو ته مظهر علي جي لاڏاڻي سان پاڪستاني ڊراما انڊسٽري کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي. اطلاعا?? واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.