اسلام آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آه?? ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا دنيا ۾ بي مثال آهن، ٻنهي ملڪن جي دوستي نه صرف حڪومتي سطح جي آهي پر ع??امي سطح تي پڻ آهن، چين هميشه ۽ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو غير مشروط ساٿ ڏنو، 75 سالن ۾ جيڪي ڪاميابيون ماڻيون آهن اهي ڌرتيءَ تي مثال آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه چائينا ميڊيا گروپ طرفان چين جي قومي ڏهاڙي جي مناسبت سان پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ شاندار ثقافتي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا دنيا ۾ ٻن ملڪن وچ ۾ اهي مثالي لاڳاپا آهن جن ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ناهي، اها دوستي نه صرف حڪومتي سطح جي آهي پر ع??امي سطح جي پڻ آهي. هن چيو ته چين هميشه ۽ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو غير مشروط ساٿ ڏنو. سندس چوڻ هو ته چين چئن ڏهاڪن ۾ 80 ڪروڙ ??وا?? کي غربت مان نجات ڏياري هڪ منفرد مثال قائم ڪيو. هن چيو ته پاڪستان چين وانگر پنهنجين پاليسين ۾ تسلسل پيدا ڪري ۽ سڌارا متعارف ڪرائي ترقيءَ جي سفر تي گامزن ٿي سگهي ٿو. قومي ثقافت ۽ ورثي بابت اڳوڻي وفاقي وزير سيد جمال شاهه چيو ته چين پنهنجي نوجوانن تي خاص ڌيان ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ هو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ بيحد ڪامياب آهن. اڳوڻي سفير حسن جاويد چيني ??وا?? کي سندن ڏهاڙي جون مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي ترقي جو مثال نٿو ملي جيڪو چين 40 سالن ۾ حاصل ڪيو. تقريب ??وران توانائي وارو و??اقي وزير سردار اويس لغاري، سامونڊي معاملن وارو و??اقي وزير قيصر احمد شيخ ۽ آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه وڊيو پيغام ۾ چيني ??وا?? کي سندن قومي ڏهاڙي تي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. تقريب ??وران سي جي ٽي اين اردو طرفان تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري پڻ پيش ڪئي جنهن ۾ چين جي سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ کي اجاگر ڪيو و??و. تقريب ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جا ثقافتي رقص ڪيا ويا، جڏهن ته وڻندڙ چيني ثقافتي رقص جو مظاهرو پڻ ڪيو و??و. تقريب ??ي پڄاڻي گلوڪاره ڊاڪٽر مبشره حفيظ طرفان پيش ڪيل موسيقيءَ تي ٿيو، جنهن سان شرڪت ڪندڙ لطف اندوز ٿيا.