اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائ?? جي شرح ۽ قومي شماريات کات?? جي انگن اکرن مطابق مهانگائي م گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته جولاءِ 2024ع ۾ ڪنزيومر پرائيس انڊيڪس ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي ۽ ناڻي واڌ ج?? شرح 11 سيڪڙو تي اچي وئي. حڪو??ت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي، حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ پاليسي جا معيشت تي هاڪاري اثر جلد پوندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته معاشي ماهرن طرفان سيپٽمبر مهيني ۾ ناڻي واڌ ج?? شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائ?? جي اڳڪٿي سٺو سنئوڻ آهي. فچ کانپوءِ تازو ئي عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز طرفان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي اپگريڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو عالمي مالياتي ادارن طرفان پاڪستان جي هاڪاري معاشي انگن اکرن جو اعتراف آهي. وزيراعظم چيو ته حڪو??ت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي، حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ پاليسي تي به تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن جي نگراني مان پاڻ ڪري رهيو آهيان، ان جا معيشت تي هاڪاري اثر جلد نماي??ن ٿيندا. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت طرفان بجلي صارفين کي بل جي مد ۾ هڪ وڏو رليف ڏنو ويو. وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. اسان جي حڪومت سمورا فائدا عام ماڻهو تائين منتقل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته حڪومتي معاشي ۽ مالياتي ٽيم جي محنت سان معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي، عوام جي ڏکيائين جو احساس آهي، حڪومت عوام جي ڏکيائين ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات ??م ڪري رهي آهي.