اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدمن ۽ دهشتگردن جي نشاندهي ڪر?? انهن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي ??زير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي. وفاقي گهرو وزير ۽ بلوچستان جي وڏي ??زير وزيراعظم کي بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ مجموعي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ دهشتگرد حملا بزدلاڻيون ڪارروايون هيون جن جو ڪو جواز پيش نٿو ڪر?? سگهجي، اسان جي به??در سيڪيورٽي فورسز پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪر?? دهشتگردن جي ارادن کي ناڪام بڻايو. وزيراعظم بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن دهشتگردن جي نشاندهي ڪر?? انهن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي جي پڻ هدايت ڪئي.