اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي)اسلام آباد، لاهور، ڪراچي ۽ پشاور کان پوءِ هاڻي پرڏيهي وزارت گجرات ۽ ڪوئٽا ۾ به ڪوريئر ڪمپنين ذريعي پوسٽل تصديقي خدمتون فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چ??و ويو آهي، ته ڄاڻايل شهرن ۾ سروس جي شروعات اڄ کان ٿيندي، ??ن قدم جي هڪ حصي طور نامزد ڪوريئر ڪمپنيون درخواستون ڏيندڙن کان دستاويز جمع ڪري رهيون آهن جنهن کي بعد ۾ پرڏيهي وزارت مان تصديق ڪئي ويند??. گجرات م پوسٽل تصديق لاءِ دستاويز جمع ڪرڻ جي مج??ز ڪوريئر ڪمپنين ۾ ٽي سي ايس، ايم اينڊ پي، ??يپرڊ ۽ اي سي ايس شامل آهن. اهڙي طرح ڪوئٽا ۾ ٽي سي ايس، گيريز، ايم اينڊ پي، ??يپرڊ ۽ اي سي ايس دستاويز جمع ڪنديون. بيان موجب ڪوريئر ڪمپنيون پاور آ?? اٽارني کان علاوه سمورا دستاويز وصول ڪرڻ جون مجاز آهن.