اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي شهر يزد ويجهو بس حادثي ۾ پاڪستاني شهرين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ۽ شهيدن جي پونئي??ن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم ايران ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن کي شهيدن جي پونئيرن جي مدد ۽ زخمين جي طبي امداد جي عمل ک?? تيز ڪرڻ جي لاءِ ايراني حڪومت سان ويجهو رابطو رکڻ ۽ شهيدن جي ميتن جي وطن واپسي جي عمل ک?? تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آ??ي.