اسلام ??باد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊپٽي ڪمشنر پنجگور ذاڪر علي جي شهادت ۾ ملوث دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي ڦهلائيندڙ عنصر ڊي سي پنجگ??ر جي قاتلن جي انجام مان سبق حاصل ڪن، پاڪستان ۾ دهشتگرد کي وڌڻ جو قطعي طو?? موقعو نه ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن سان جنگ جاري رهندي، پوري قوم دهشتگردي جي خاتمي جي جنگ ۾ پا?? فوج سان گڏ بيٺل آهي.