اسلام آ??اد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جون ستون اجلاس گذريل هفتي اسلام آ??اد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته ترڪيه جي نائب پرڏيهي وزير نوح يلماز ترڪيه جي وفد جي قيادت ڪئي. ترجمان چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن کي شامل ڪيو ويو، ٻئي ڌريون اعليٰ سطحي رابطن کي مضبوط ڪنديون ۽ مو??ود?? معاهدن کي مڪمل طور تي فعال ڪنديون. هن چيو ته ڌريو پا?? – ترڪ اسٽريٽجڪ ??ڪنامڪ فريم ورڪ کي اپ گريڊ ڪنديون. هن چيو ته هو واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، سيڪيورٽي ۽ دفاع، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ثقافت ۽ سياحت، تعليم ۽ قونصلر معاملن ۾ پڻ تعاون وڌائيندا.