اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول جي فر??هم?? ۾ ضابطي وارن سڌارن تي اثرائتي نموني عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه جيڪب ڪارڊوا اينڊ ايسوسيئيٽس جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اسڪاٽ جيڪب سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئي. سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن جا آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ مجموعي ضابطا ج??تي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان سڌارن تي ڳالهيون ٿيون. اسڪاٽ جيڪب ريگيوليٽري نظام کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ جامع تجويزون ڏنيون. هن ان حوالي سان بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ معياري طريقيڪار جي تجويز به ڏن??. ن??ڻي واري وزير سڌارن جي ??هم??ت جي تائيد ڪندي انهن سڌارن تي موثر نموني عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ڳالهين ۾ انهن شعبن جو به خاص طور تي ذڪر ڪيو ويو جتي ضابطا ج??تي فريم ورڪ جي حوالي سان سڌارا ضروري آهن. ڌرين ضابطا ج??تي سڌارن لاءِ ڍانچا ج??تي طريقيڪار اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.