لاڙڪاڻو – 21 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت جي علامت هئي، محترمه شهيد ذو??لفقار علي ڀٽو کانپوءِ پارٽي ۽ عوام لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي اها فخر جوڳي آهي، مون سياست شهيد محترمه بينظير ڀٽو کان سکي، ان جو شاگرد آهيان. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري، صدر ها??وس نئون ديرو ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 71 هين سالگرهه جي سلسلي ۾ منعقد تق??يب کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر آصف علي زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته اسان شهيدن جي مشن کي پورو ڪنداسين. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽ??لپر ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.