اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي سالن کان ناقص ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ ۽ ڪرپشن کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي ??دايت ڪئي آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ حڪومتي خرچن ۽ حڪومتي ڍانچي جو ڪاٿو گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. وزير??عظ?? چيو ته پاڪ پي ڊبليو ڊي بطور ادارو پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته اهڙا جاري ترقياتي منصوبا جن جو ڪم پاڪ پي ڊبليو ڊي جي حوالي ڪيو ويو آهي، انهن جي ??اءِ متبادل حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان جي صدارت ۾ ٺاهيل ڪميٽي پنهنجي ر??ور?? جي حوالي سان وزير??عظ?? کي آگاهه ڪيو. ڪميٽي ڪجهه سرڪاري ادارن کي ختم ۽ ڪجهه کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي. وزير??عظ?? ڪميٽي کي وڌيڪ سفارشون جوڙڻ جي ??دايت ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزير??عظ?? ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزير??عظ?? جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.