اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ڊيره اسماعيل خان ۽ باغ ضلعي خيبر ۾ پاڪ فوج جي دهشتگرد?? جي خلاف ڪامياب آپريشن تي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين جڏهن ته شهادت ماڻيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم باغ ضلعي خيبر ۾ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ 5 جوانن نائيڪ محمد اشفاق بٽ، لانس نائيڪ سيد دانش افڪار، سپاهي تيمور ??لڪ?? سپاهي نادر صغير ۽ سپاهي محمد ياسين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ت?? پاڪ فوج جي جوانن پنهنجي جاني?? جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ دهشتگرد عنصر?? جي خاتمي لاءِ ڪارروائي ڪئي، الله تعال??ٰ شهيدن جا درجا بلند ۽ انه?? جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ت?? مون سميت پوري قوم شهيد?? جي گهرڀاتين کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن ملڪي سلامتي کي سدائين پنهنجي جانين تي فوقيت ڏني. وزيراعظم چيو ت?? دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي تائين ا?? جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.