اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سع??دي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن، ايس آءِ ايف سي جي ذريعي سع??دي سيڙپڪارن کي رڪاوٽن کان پاڪ ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي دوري تي آيل سع??دي وفد جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سع??دي عرب مان پاڪستان جي دوري تي آيل معزز مهمانن جي آجيان ڪريون ٿا، سع??دي عرب جي وزيراعظم ۽ ولي عهد سان ملاقات دوران انهن جي رويي سان وڏو حوصلو مليو، سع??دي عرب ۾ ويزنري قيادت آهي، سع??دي عرب جي ولي عهد جي سع??دي عرب کي جديد بڻائڻ جي پاليسين جا معترف آهيون. هن چيو ته ولي عهد محمد بن سلمان سع??دي عرب جي لاءِ شاندار خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته زراعت، آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سع??دي عرب جي ترقي کي ساراهيون ٿا، سع??دي عرب هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو س??ٿ ڏنو آهي، مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو س??ٿ ڏيڻ تي انهن جا ٿورائتا آهيون، سع??دي عرب 7 ڏهاڪن کان پاڪستان جو س??ٿ ڏئي رهيو آهي، ان جي فراخدلي کي ساراهڻ جي لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن. هن چيو ته سع??دي ولي عهد محمد بن سلمان هر سطح تي پاڪستان جي مدد ڪرڻ چاهي ٿو، سع??دي عرب جا سيڙپڪار ايس آءِ ايف سي جي ذريعي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان بهترين فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته سع??دي عرب نوڪرين جي موقعن جي حوالي سان اهم ملڪن ۾ شامل آهي، سع??دي عرب جي معيشت تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته سع??دي عرب سيڙپڪاري جي لاءِ پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، سع??دي ڪمپنيون پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻن، اسان کي به ان حوالي سان تياري ڪرڻي پوندي. سع??دي وفد جي پاڪستان جي دوري سان لاڳاپن جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان جا سياحتي ماڳ تمام گهڻا خوبصورت آهن. ان موقعي تي سع??دي عرب جي معاون وزير ابراهيم المبارڪ خطاب ڪندي چيو ته سع??دي عرب سان پاڪستان جي حصيداري اهميت جوڳي آهي، سع??دي قيادت جي هدايت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهيون، پاڪستان سع??دي عرب جو اسٽريٽجڪ دوست ۽ حصيدار آهي. سع??دي عرب جي نجي شعبي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. آجياڻي ۾ سع??دي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن شرڪت ڪئي. آجياڻي ۾ وفاقي وزيرن سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پنهنجي تقرير جي شروعات عربي ?? ڪئي جنهن کي اتي موجود ماڻهن گهڻو ساراهيو.