بنجول – 03 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار گيمبيا جي شهر بنجول ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي سربراهي اجلاس جي لاءِ پرڏيهي وزيرن جي تياري جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن سال جي سربراهي اجلاس جو موضوع ”پائيدار ترقي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي اتحاد ۽ يڪجهتي کي وڌائڻ“ آهي. اجلاس دوران پاڪستان کي متفقه طو?? تي او آءِ سي جي 15 هين اسلامي سربراهي اجلاس جي لاءِ بيورو آف پرڏيهي وزيرن جي تياري جي اجلاس جو نائب صدر چونڊيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان موقعي تي خطاب ڪندي گيمبيا جي پرڏيهي وزير ممدائو تنگارا کي سيشن ۽ 15 هين اسلامي سربراهي اجلاس جي صدارت سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سعودي عرب جي عهدو ڇڏيندڙ سربراهه جي ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير غزه جي عوام جي خلاف اسرائيلي جنگ سبب گذريل ڪيترن ئي مهينن کان غ??ه جي عوام جي جاري نسل ڪشيءَ ۽ غذائي کوٽ تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. تياري جي اجلاس دوران او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن سينيئر آفيشلز ميٽنگ (ايس او ايم) جي رپورٽ جي منظوري ۽ مختلف دستاويزن کي حتمي شڪل ڏني جن ۾ فلسطين مسئلو، او آءِ سي سربراهي ڪانفرنس جو ح??مي پڌرنامو ۽ بنجول پڌرنامو شامل آهي.