اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ترڪيه سان اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ۽ واپاري حصيداري جي وڌيڪ مضبوطي جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي موجوده صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ نظام ۾ سڌارا ڪيا ويا آهن. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان ترڪ سيڙپڪار وفد ملا??ات ڪئي. ترڪ وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملا??ات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جي??ي صدين تي ٻڌل آهن، پاڪستان ترڪيه سان اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ۽ واپاري حصيداري جي وڌيڪ مضبوطي جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي موجوده صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ نظام ۾ سڌارا ڪيا ويا آهن. ملا??ات ۾ ترڪيه جو پاڪستان ۾ سفير مهمت پاچاجي، سي اي او ٽرمينل ياپي جنڪ جوشڪن ۽ ٻيا ترڪ ۽ پاڪستاني اهلڪار شريڪ هئا. ملا??ات ۾ وفاقي وزيرن محمد اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، احد خان چيما، وز??را??ظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار شريڪ هئا. وفد پاڪستان پاران شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وز??را??ظم جا ٿورا مڃيا.