اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان سعودي عرب جي ??هر جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي گذ??يل ڏينهن منعقد ٿيندڙ غيرمعمولي اجلاس جي ??جيان ڪندي چيو آهي ته هو گهير هيٺ غزه جي پٽيءَ ۽ پوري والا??يل فلسطيني علائقي ۾ شهرين جي ??لاف اسرائيلي جارحيت جي ??ديد مذمت جي ??مايت ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل قابض طاقت کي غزه ۾ شهرين جي ??اري نسل ڪشيءَ جو مڪمل طور تي ذميوار قرار ڏنو آهي. ترجمان چيو ته اسان فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ اسرائيلي جارحيت جي ??اتمي سان گڏوگڏ بنا روڪ ٽوڪ ۽ مناسب انساني ۽ طبي امداد ۽ ريليف کانسواءِ پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي ۽ انساني همدرديءَ جي لنگهن کي کولڻ جي مطالبي ۾ شامل آهن ته جيئن فوري امداد جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. هن چيو ته هاڻي جڏهن ته رمضان المبارڪ جو مقدس مهينو ويجهو اچي رهيو آهي، اسان فلسطين جي ماڻهن کي فوري ريليف ڏيڻ ۽ فلسطينين کي مسجد اقصيٰ ۾ نماز ادا ڪرڻ جي لاءِ غيرمحدود پهچ جو مطالبو ڪريون ٿا.