اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ??ينيٽر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ??يندڙ حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي ۽ عوام ۽ ملڪ کي درپيش مسئلا ۽ چئلينج حل ڪندي. اسلام آباد ۾ پارلي??مي??ٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نثار احمد کهڙو چيو ته 2008ع کانپوءِ ايندڙ سمورين حڪومتن پنهنجو مدو پورو ڪيو آهي ۽ ايندڙ حڪومت به پنهنجو مدو ڪاميابي سان پورو ڪندي. هن سمورين سياسي پارٽين تي زور ڏنو ته ??هي ملڪي ترقي ۽ عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن، عوام انهن کي قومي اسيمبلي ۾ چونڊي موڪليو آهي ته ??يئن انهن جا مسئلا حل ٿين. چونڊ ۾ ڌانڌلين ۾ الزامن جي ??والي سان هن چيو ته ??يڪو به الزام هڻي رهيو آهي اهو لاڳاپيل فورم تي ان معاملي کي اٿاري، باقي ثبوتن کانسواءِ الزامن جي ڪا به حيثيت نه آهي. هن چيو ته ??ڀني چونڊن ۾ مينڊيٽ چوري ۽ ڌانڌلين جا الزام لڳ??دا ره??دا آهن.