اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ايڇ اي سي يونيورسٽي ۽ ڊگري پر??گرامن مان پاڪستان اسٽڊيز سميت ڪنهن به خاص پر??گرام کي خارج ناهي ڪيو، ايڇ اي س?? اهڙو ڪو فيصلو ناهي ڪيو. سينيٽ جي اجل??س ۾ سينيٽر مشتاق احمد جي سوا??ن جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته انڊر گريجوئيٽ پاليسين ۾ شامل سموريون شقون رڳو گهٽ ۾ گهٽ جي سطح تي تجويز ڪيون ويون آهن، خودمختيار يونيورسٽيون پنهنجي لاڳاپيل قانونن تحت ڪم ڪري رهيون آهن. ڪورسز ۽ ڊگري پر??گرامن ۾ وڌيڪ پختگي جو اضافو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هايئر ايجوڪيشن پاران تازو ئي انڊر گريجوئيٽ تعليمي پاليسي ۾ ذڪر ٿيو آهي ان ۾ عمومي ڪورس جي هڪ سيٽ جو تصور سمورن انڊر گريجوئيٽ پر??گرامن جي لاءِ تجويز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ان پر??گرام ۾ نظريه پاڪستان ۽ پاڪستان اسٽڊيز تي هڪ ڪورس متعارف ڪرايو ويو آهي، شاگرد پاڪستان اسٽڊيز جي اڳوڻي علم جي بنياد تي ان ۾ وڌيڪ بهتري ڏسندا ۽ انهن پر??گرامن ۾ پاڪستان اسٽڊيز پاڪستان جي آئين جي موضوعن جو امتزاج آهي، ڄاڻايل ڪورس انهن پر??گرامن جو متبادل نه آهي پر انهن ٻنهي پر??گرامن ۾ پاڪستان اسٽڊيز ۽ نظريه پاڪستان جو امتزاج شامل آهي. هن چيو ته نظريه پاڪستان ۽ پاڪستان اسٽڊيز بابت ايڇ اي سي لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ڪري رهي آهي ۽ انڊر گريجوئيٽ ايجوڪيشن (يو جي اي) پاليسي تحت پاڪستان اسٽڊيز جو ٻه ڪريڊٽ آور جو پر??گرام تيار ڪيو ويندو.