اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي غز?? ۾ جاري قتل عام ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جي خاتمي لاءِ اسلامي ملڪن پاران ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اٽڪل 45 منٽ تائين ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ??اڪٽر عارف علوي غز?? سميت والاريل فل??طي?? ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ قبضي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ سنگين صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته عورتن ۽ ٻارن سميت 19 هزار کان وڌيڪ فل??طي??ين جي شهادتن جي باوجود گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جنگبندي لاڳو ڪرائڻ ۽ ناقابل بيان اسرائيلي ظلمن کي روڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي. صدر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته هڪ آزاد فل??طي??ي رياست جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، تي ٻڌل فل??طي?? مسئلي جو منصفاڻو حل وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ اهم آهي. صدر ان مقصد جي لاءِ سمورن سفارتي قدمن جي لاءِ پا??ستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ موجوده صورتحال بابت ايران جي خدشن ۽ قدمن کي ساراهيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي اصولي موقف ۽ فل??طي??ي ڪاز جي حمايت تي پڻ ايراني قيادت کي ساراهيو. صدر 15 ڊسمبر 2023ع تي سيستان – بلوچستان ۾ هڪ ايراني پوليس اسٽيشن تي ٿيندڙ ڪڌي دهشتگرد حملي تي ايران جي حڪومت ۽ ڀائر عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايران سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پا??ستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي اقتصادي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر ??اڪٽر عارف علوي مند – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پليس ۽ گبد – پولن بجلي جي ٽرانسميشن لائين جي گڏيل افتتاح کي ٺوس اڳڀرائي قرار ڏنو جنهن سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پا??ستان ۽ ايران ڀائر اسلامي ملڪ آهن جن جي ثقافت، مذهب ۽ تاريخ هڪ آهي. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.