اسلام آباد – 11 – ڊس??بر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اڃا تائين ملڪ ۾ اهڙيون حالتون نه آهن جو عام چونڊن جي تاريخ ۾ ڦيرڦار ??ئي وڃي، اليڪشن ڪ??يشن پاران تاريخ جي اعلان کانپوءِ هاڻي سمورا سوال ۽ شڪ شبها ختم ٿيڻ گهرجن، اليڪشن ڪ??يشن جون چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان سيڪيورٽي سميت سموريون ضرورتون پوريون ڪ??داسين. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته چونڊن جي تاريخ جي اعلان کانپوءِ هاڻي ڪنهن کي چونڊون منعقد ٿيڻ تي شڪ نه هجڻ گهرجي، اڳ ۾ چيو ويو ته انهن جي نيت ۾ فتور آهي ان لاءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪري رهيا آهن، هاڻي جڏهن ته اتفاق راءِ سان 8 فيبروري چونڊن جي تاريخ اچي وئي آهي ته ڪو ابهام باقي نه آهي. هن چيو ته چونڊون اليڪشن ڪ??يشن کي منعقد ڪرائڻيون آهن، اليڪشن ڪ??يشن کي جن جن شين جي ضرورت هئي اهي پوريون ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪ??يشن پاران ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ 42 ارب رپين جي بجيٽ گهري وئي هئي، پهرين مرحلي ۾ 10 ارب رپيا ڏنا ويا جنهن تي چيو ويو ته 17 ارب 40 ڪروڙ رپيا ڏنا وڃن، اهڙي طرح ناڻي واري وزارت اليڪشن ڪ??يشن کي 27 ارب 40 ڪروڙ رپيا ڏنا، باقي فنڊز به جڏهن اليڪشن ڪ??يشن ضرورت محسوس ڪندي ته فراهم ڪيا ويندا، اليڪشن ڪ??يشن کي سيڪيورٽي سميت هر طرح جو تعاون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته اڃا تائين اهڙيون حالتون نه آهن جو اسان چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فراهم نه ڪري سگهون. بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي خدشن ۽ افواهن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت تائين اهڙيون حالتون نه آهن جو اسان ڪ??هن وهم يا ڪنهن ٻي سوچ ۾ مبتلا ٿي وڃُون، نه ئي ڪنهن اداري پاران اهڙي طرح جي ڪا ڳالهه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي جون حالتون اڳ ۾ به هيون ۽ اڃا به آهن، 2008ع ۽ 2018ع ۾ اليڪشن جي وقت جون حالتون به سڀني جي سامهون آهن. هن چيو ته اهڙيون حالتون نه آهن جنهن جي ڪري ع??م چونڊن جي تاريخ ۾ ڦيرڦار ??ئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کان توهان پاڻ پڇندا ته کيس ڪنهن چيو ته صوبي ۾ وزارت اعليٰ جي اميدوار جو نالو فائنل ٿي ويو آهي، اسان جي حساب سان چئني صوبن ۾ عام چونڊون ٿيڻيون آهن ۽ ان ۾ سموريون رجسٽرڊ سياسي پارٽيون آزادي سان حصو وٺنديون، هر سياسي پارٽي کي سياسي سرگرميون ڪرڻ جي اجازت آهي، بلاول ڀٽو اڳ ۾ به سياسي سرگرميون ڪ??دو رهيو آهي ۽ هاڻي به ڪندو رهندو، اسان کي ڪو اعتراض نه آهي، جنهن جي جتي مرضي هجي پنهنجون سياسي سرگرميون ڪري سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي اطلاع هوندو ته نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ وڃي رهيو آهي، اسان کي ته ڪو اهڙو اطلاع نه آهي. هن چيو ته ايندڙ وزيراعظم ڪير هوندو ان جو فيص??و ايندڙ عام چونڊن جا نتيجا ڪندا.