اسلام آباد – 25 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف يوم تڪريم شهدا جي سلسلي ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري. هن گوجر خان ۾ ڪيپٽن راجا محمد سرور شهيد (نشان حيدر) جي مزار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙ??ي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ??يڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته شهيد جو جيڪو موت آهي اها قوم جي حيات آهي. هن چيو ته 9 مئي جي افسوسناڪ واقع?? کي تاريخ ۾ ڪاري باب طور ياد رکيو ويندو، اڄ اسان جي آزاد ماحول ۾ زندگي گذارڻ جي پويان لکين شهيدن جون قربانيون شامل آهن، پوري قوم پنهنجي شهيد?? کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. اسپيڪر چيو ته 9 مئي جي واقعن جي پويان ناپاڪ مقصد هئا، انهن واقعن ۾ ملوث ڪردار?? کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هن چيو ته ق??م جي بهادر سپوتن جي عظيم قرباني?? کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهي، اسان جي سرزمين شهيدن ۽ غازين جي سرزمي?? آهي.