اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چي?? آهي ته ٻار معاشري جا مستقبل هوندا آهن، معاشري جي مستقبل جي خلاف ڏوهن ۽ خاص طور تي معصوم ٻارن جو جنسي استحصال پوري معاشري لا??ِ باعث شرم ۽ افسوسناڪ آهي، ٻارن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ نه رڳو حڪومت پر معاشري جي هر فرد جي ذميداري آهي ۽ حڪومت ان سلسلي ۾ هر ممڪن قدم کڻندي، وز??راعظم انساني حقن واري وزارت کي ٻارن جي خلاف ڏوهن جي روڪٿام لا??ِ گهرو وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي مشاورت ۽ مدد س??ن قومي سطح تي نيشنل ايڪشن پلان کي آئنده ٻن هفتن ۾ حتمي شڪل ڏيڻ جي به هدايت ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن بابت ڏوهن خاص طور تي ٻارن جي جنسي استحصال جي موثر روڪٿام جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪي??.