اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سک مذهب جي باني بابا گرو نانڪ ديوجي جي 550 هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي بين المذاهب هم آهنگي جي جذبي جي عڪاس ڪرتارپور لنگهه جي بي مثال منصوبي جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگ??ه، ڀارتي پنجاب جي وڏي وزير ڪيپٽن (ر) امريندر سنگهه ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو سمي?? ڀارت سميت سڄي دنيا مان بابا گرو نانڪ جي جنم ڏهاڙي جي تقريب?? ۾ ??رڪت جي لاءِ ڪرتارپور آيل سک ياترين جو وڏو انگ پڻ ان موقعي تي موجود هو جن فراخدلاڻي انداز ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ??ڪو??ت جا ٿورا مڃيا ۽ دعائون ڪيون.