اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف گوادر پورٽ اٿارٽي ڪمپليڪس تي حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ ??جا??ت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ قوم جي فرزندن کي سلام پيش ڪريون ٿا. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? چيو ته حملي آورن جي خلاف بهادري ۽ پيشيواراڻي مهارت تي ??وليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي شابا?? ڏيان ٿو. وزير??عظ?? دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قوم جا بهادر فرزند دهشتگردن جي خلاف پنهنجي جان جا قيمتي ??ذرانا ڏئي ملڪ جو تحفظ ڪري رهيا آهن. وزير??عظ?? شهيدن جي گهرڀاتين سان همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جنهن بهادري ۽ وقت سر ڪارروائي سان حملو ناڪام بڻايو ۽ حملي آورن کي جهنم واصل ڪيو، اهو ساراهه جوڳو آهي، گوادر بلوچستان جي امن کي نشانو بڻائيندڙ پاڪستان ۽ ان جي عوام جي معاشي ترقي ۽ مهانگائي مان ڇوٽڪاري جي عمل کي متاثر ڪرڻ چاهين ٿا، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم ۽ عوام جي حمايت سان پاڪستان جي خلاف سمورين اندروني ۽ ٻاهرئين سازشن کي ناڪام بڻائينداسين. وزير??عظ?? چيو ته ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ ??جا??ت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ قوم جي فرزندن کي سلام پيش ڪريون ٿا، قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجي هٿياربند فوج، پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. وزير??عظ?? شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.