اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي)ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري ??حمان ڪلائميٽ ويڪ نيويارڪ سٽي 2022ع ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا رواني ٿي وئي. هوءَ ڪلائميٽ ويڪ نيويارڪ سٽي سي ڊبليو اين واءِ سي 2022ع ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. موسمياتي تبديليءَ و??ري وزارت مطابق شيري ??حمان ڪلائميٽ ويڪ ۾ پاڪستان کي درپي?? ماحولياتي تبديلي جي اثرن ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين جي حوالي سان سڄي دنيا کي آگاهه ڪندي. شيري ??حمان مختلف ملڪن ۽ شراڪتدارن سان پري ڪاپ 27 ملاقاتون پڻ ڪندي. وفاقي وزير وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان جي وفد سان گڏ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي. شيري ??حمان يو اين جي اي اجلاس ۾ شرڪت سان مختلف ملڪن جي وزيرن، نمائندن ۽ عالمي ادارن جي سربراهن سان ٻه طرفيون ملاقاتون پڻ ڪندي.