اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻوڏ جي صورتحال کي قومي ايمرجنسي قرار ڏيندي چيو ??هي ته سنڌ ۽ بلوچستان صوبي ۾ غيرمعمولي ??با??ي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي جذبو ڏيکارڻو پوندو، ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ سموري قوم خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي عطيي جي ضرورت آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??ه تمام وڏي پئماني تي ٿيندڙ ??با??ي جي ڪري وڏي رقم گهربل هوندي. وفاقي حڪومت صوبن سان گڏجي ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، وسيلن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي، تيز برساتن ۽ شديد ٻوڏ وارن ريلن جي ڪري ريليف جي ڪمن ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن، عوام جي مدد سان متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي عمل کي تيز بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ??ه وزيراعظم فلڊ ريليف اڪائونٽ 2022ع ۾ عطيو ??مع ڪرائڻ جا تفصيل اڳ ۾ ئي جاري ڪيا ويا آهن، اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني عطيو ??ڪائونٽ (پرائيم منسٽر ريليف فنڊ اڪائونٽ 2022ع اڪائونٽ نمبر: G-12164) ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??ه مصيبت ۾ گهيريل هم وطن اسان جي مدد جا ??نت??ر آهن، اچو اسان سڀ بڻجون سهارو. ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني وايا ٽرانسفر، مني سروس بيوروز، مني ٽرانسفر آپريٽرز ۽ ا??ڪسچينج هائوسز جي ذريعي به عطيو موڪلي سگهن ٿا. عطيو ??ڀني ڪمرشل بئنڪن ۾ روڪ به جمع ڪرائي سگهجي ٿو. هن چيو ??ه بئنڪن جي ڊراپ باڪس ۾ ڪراس چيڪ، موبائيل ۽ ا??ٽرنيٽ بئنڪنگ، اي ٽي ايمز، اي بي ايف پي، راست جي ذريعي به جمع ڪرائي سگهجن ٿا.