اسلام آباد ??? 04 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته “فارن ايجنٽ” جي ” فارن ايڊڊ” پارٽي جو هيلي ڪاپٽر ملڪ ۾ فتنو، فساد ۽ انتشار پکيڙڻ جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي ته جئين پاڪستان جي معيشت جيڪا ان تباھ ڪئي، ٺيڪ نه ٿئي، جيڪا مهنگائي هُن ڪئي اها به گهٽ نه ٿئي ۽ نوجوانن جو روزگار جيڪو هُن کسيو اهو انهن کي نه ملي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير ” فارن ايجنٽ” جي ” فارن ايڊڊ” پارٽي جي هيلي ڪاپٽر جي استعمال جا ڪجهه منظر شيئر ڪيا. پنهنجي پوئيٽ ۾ هُن چيو ته ان فارن ايجنٽ جو فارن فنڊڊ هيلي ڪاپٽر ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي ڏک لاءِ استعمال نٿو ٿي سگهي، خيبر پختونخواہ، بلوچستان، سنڌ نٿو وڃي سگهي ڇاڪاڻ جو جٿي ماڻهو فوت ٿي وڃن ??تي بشره بي بي وڃڻ ناهي ڏيندي ۽ نه وري ??ارن فنڊ ۽ ايجنڊا اجازت ڏيندي آهي.