اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا جي شهر نوم پنه ۾ 29 هين آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي جاپاني هم منصب هياشي يوشيما سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وز??رن پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ گذريل 70 سالن ۾ مس??سل اضافو ٿيو آهي. ٻنهي اڳوڻن ٻطرفي سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زردار?? ۽ ??رڏيهي وز??ر هياشي يوشيما پاڪ جاپان لاڳاپن کي رفتار ف??اه?? ڪرڻ جي لاءِ هر سطح تي ٻطرفا رابطا وڌائڻ کي ورجايو. هنن گڏيل دلچسپي جي علائق??ئي ۽ عالمي معاملن تي رابطي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.