سرينگر – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ تي استحصال ڏهاڙي جي موق??ي تي مڪمل هڙتال، سول ڪرفيو ۽ وڏي پئماني تي احتجاجي مظاهرن جي ڪال کي ورج??ئي??دي ڪشميري عوام کي آ??ادي جي تحريڪ جي ڪاميابي جي لاءِ خاص دعائون ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي نظربند وائيس چيئرمين غلام احمد گلزار سينٽرل جيل سرينگر مان پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ چيو ته 5 آگسٽ جديد ڪشمير جي تاريخ جو سڀ کان المناڪ، دردناڪ ۽ ڪارو ڏينهن آهي ۽ ڪشميري ان کي سد??ئي?? استحصال ڏهاڙي، سوڳ ڏهاڙي ۽ ڪاري ڏينهن طور مله??ئي??دا. هن چيو ته اهو 5 آگسٽ 2019ع جو ڏينهن هو جڏ??ن انسانيت جي قاتل نريندر مودي جي قيادت ۾ آر ايس ايس جي حمايت يافته شيطاني حڪومت ڪشميرين جا سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ٻيا سمورا بنيادي حق غضب ڪيا ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير کي هڪ وڏي کليل جيل ۾ تبديل ڪري چيو. هن 5 آگسٽ جي قدمن کي هندوتوا قوتن پاران ڪشمير جي منفرد سڃاڻپ، ثقافت، آبادي ۽ بنيادي حقن تي حملو قرار ڏنو. حريت اڳواڻ افسوس جو اظهار ڪيو ته آر ايس ايس جي حمايت يافته مودي حڪومت پنهنجي شيطاني هندوتوا نظريي کي مڙهڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير کي قبرستان ۽ بنجر زمين ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته هندوتوا قوتن تڪراري علائقي ۾ انتظامي تبديليون آڻي آ??ادڪاري جي نئين آبادياتي منصوبي جي شروعاتڪ ئي آهي جنهن جي شروعات نئين ڊوميس??ئي?? قانون سان ڪئي وئي.