اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ??ائ??س جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ??ائ??س سبب 151 فوتگيون ٿيون جنهن مان 60 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هز??ر 480 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت ??يا. ملڪ جي چئن وڏ?? شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 73 سيڪڙو، لاهور ۾ 73 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 62 سيڪڙو ۽ مردان ۾ 73 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏ?? شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 70 سيڪڙو، صوابي ۾ 67 سيڪڙو، مردان ۾ 65 سيڪڙو ۽ سوات ۾ 60 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 57 هز??ر 13 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هز??ر 716، پنجاب ۾ 26 هز??ر 338، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هز??ر 261، اسلام آباد ۾ 5 هز??ر 651، بلوچستان ۾ 929 گلگت بلتستان ۾ 241، آزاد ڪشمير ۾ 877 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 7 لک 8 هز??ر 193 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 689 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 89 هز??ر 838 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ??ائ??س کان متاثر ماڻهن جو انگ 8 لک 15 هز??ر 711 آهي.