پشاور – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي خصوصي ماڻهن لاءِ مددگار ٽيڪنالاجي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ??هي ته حڪومت خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ مع??شري ۾ انهن جي شرڪت وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، پيشيوراڻي تربيت ۽ هنرمندي جي تعليم ڏئي خصوصي ماڻهن کي مع??شي طور تي خودمختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. خصوصي ماڻهن جي حق ايڪٽ 2020ع سان کين قومي ترقي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هو گورنر هائوس پشاور ۾ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ صحت واري خصوصي مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، خيبرپختونخوا جي گورنر، صحت واري عالمي اداري جي نمائندن ۽ خصوصي ماڻهن شرڪت ڪئي. صدر کي خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ پاڪستان ۾ مع??وري جي اڀرندڙ صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ??ه پاڪستان يونيورسل هيلٿ ڪوريج جو گهٽ لاڳت وارو موثر پيڪيج تيار ڪندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو ??هي. صدر چيو ??ه مع??ور ماڻهن جي بحالي ۽ موذي مرضن کان بچاءُ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ضرورت آهي، هن چيو ??ه خصوصي ماڻهن لاءِ مددگار ٽيڪنالاجي عالمي، علائ??ائ?? ۽ رياستي سطح تي مقبول ٿي رهي آهي، حڪومت خصوصي ماڻهن کي ٽيڪينڪل، ووڪيشنل ۽ هنرمندي جي تعليم ڏئي مع??شي طور تي خودمختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، صدر عا??ف علوي چيو ??ه وزيراعظم عمران خان خصوصي ماڻهن لاءِ 2000 روپيا ماهوار وظيفو ڏ??ڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي، خصوصي ماڻهن جي حق ايڪٽ 2020ع سان خصوصي ماڻهن کي قومي ترقي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.