اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته زندگي جي مختلف شعبن ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ صحافين، ليکڪن، ليکارين، فنڪارن ۽ عظيم شخصيتن کي سلام پيش ڪريان ٿو، باصلاحيت ماڻهو ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، انهن ??ي صلاحيتن جي اعتراف جي ذريعي ئي نئين ٽيلينٽ کي اڀاري سگهجي ٿو، اميد آهي ته پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ صلاحيتن کي مڃائين??ڙ اهي ماڻهو وڌيڪ ڏيئا روشن ڪندا ويندا، اهو ملڪ قائداعظم محمد علي جناح رح ۽ انهن ??ي ??اٿ??ن جي عظيم جدوجهد ۽ اسان جي بزرگن جي قربانين جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، اهو آزاد وطن اسان جو گهر آهي، اسان کي گڏجي ان وطن جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار اد اڪرڻو آهي. پريس انفارميشن ڊيپارٽمينٽ آزادي جي ڏهاري جي موقعي تي انهن ??خصيتن جي اعتراف ۾ تقريب جي انعقاد جو بهترين قدم کنيو آهي، اميد آهي ته مستقبل ۾ به اهو سلسلو جاري ره??دو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??طلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذيلي اداري پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ وطن لاءِ ڪم ڪندي نالو پيدا ڪندڙ صحافين، ليکڪن، مصنفين، اداڪارن ۽ فن موسيقي سان لاڳ??پي?? ماڻهن ۾ ايوارڊز ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.