اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتون ايس ا?? پيز سان سياحت جو شعبو کولينديون، اسان يورپ ۽ چين جهڙي لاڪ ڊائون کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون، مون جهڙي طرح جو لاڪ ڊائون چاهيو پئي اهڙو نه ٿيو، اسان جي ملڪ ۾ 25 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ آهن، ڪور??نا وائرس جي صورتحال جا اثر اسان جي معيشت تي پيا آهن، ٽيڪس وصولي ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، رو??نگ?? واپار ۽ مٽاسٽا جو ناڻو به گهٽ ٿيو آهي، سيڙپڪاري به رڪجي وئي آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ڪور??نا کي وڌيڪ وڌڻو آهي ۽ موت جي شرح ۾ به اضافو ٿيندو، ڪور??نا وائرس جي اثرن کان بچڻ جي لاءِ ايس ا?? پيز ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ گهرجي، ويڪسين جي تياري تائين اسان کي ڪور??نا وائرس سان گڏ رهڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپ??يشن سينٽر ۾ روزاني جي بنياد تي اجلاس ٿي رهيا آهن، ڪور??نا جي پاڪستان ۾ موجودگي کانپوءِ فوري ط??ر تي اين سي سي جو اجلاس طلب ڪيو، پاڪستان جون حالتون چين ۽ يورپ کان مختلف آهن، پاڪستان ۾ 5 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.