اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قرضن ۾ رليف جي لاءِ جي 20 ملڪن جي قدمن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن وٽ ايترا مالي وسيلا ناهن جو هو پنهنجي معيشت کي بحال ۽ ڪمزور طبقن جي مدد ڪري سگهن، ڪورونا هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ ان سان گڏجي عالمي انداز ۾ منهن ڏيڻو آهي، ڪورونا وائرس جي پکيڙ دنيا جي معيشتن کي متاثر ڪي?? آهي، اسان جو روانگي واپار به متاثر ٿيو آهي، ترقي يافته ملڪ جيڪڏهن ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻن ته سڀئي مشڪل ص??رت??ال مان نڪري سگهن ٿا. هن اهڙن خيالن جو ا??هار ڪورونا ۽ ان کانپوءِ ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري بابت عالمي ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪي??. ڪي??يڊا ۽ جميڪا جا وزيراعظم، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گڏيل طور تي اجلاس جي صدارت ڪئي.