اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام حڪومت پاران جاري ڪيل حفاظتي هدايتن تي عمل ڪري، احتياط جيتوڻيڪ لازمي آهي پر ڊڄڻ جي قطعي ضرورت نه آهي، صحت جي عالمي اداري ڪرونا ??ائ??س جي حوالي سان اسان جي ڪوششن کي ساراهيندي انهن کي دنيا ۾ بهترين قرار ڏنو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته آئون قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪرونا ??ائ??س جي تدارڪ جي لاءِ کنيل قدمن جي آئون پاڻ ذات?? نگراني ڪري رهيو آهيان ۽ جلد توهان سان مخاطب ٿيندس.