لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پيپلزپارٽي سينٽرل پنجاب جي جنرل سيڪريٽري ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ سيد حسن مرتضيٰ چيو آهي ته ڪشمير اسا?? جو آهي ۽ سڄو اسا?? جو آهي، ڪشمير جي مڪمل آ??ادي تائين پاڪستاني قوم سک سان نه ويهندي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي جاري پيغام ۾ هن چيو ته ڀارتي ڏاڍ جا 1095 ڏينهن ڪشميرين کي انهن جي آزادي جي جدوجهد کان روڪي ناهن سگهيا، ڀارت کي آرٽيڪل 370 واپس لاڳو ڪرڻو پوندو. هن سوال ڪيو ته انساني حق?? جون عالمي تنظيمون ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ ت?? ڇو خاموش آهن. حسن مرتضيٰ مطالبو ڪيو ته والاريل ڪشمير جي مير صادق کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ه?? جو چوڻ هو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو والاريل ڪشمير جو ڪيس هر جڳهه تي وڙهي رهيو آهي.